صاحبداد جمالي مفتي

صاحبداد جمالي، مفتي: سنڌ جي نامياري عالم ۽ ليکڪ مفتي صاحبداد ولد خميسو خان جماليءَ جو جنم 1316هه/1898ع ڌاري لوڻي (ضلعي سبي) بلوچستان ۾ ٿيو. هن قرآن شريف جي تعليم خواجه محمد شاهه کان، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولانا محمد يوسف کان حاصل ڪئي. پاڻ سنڌ جي مختلف مدرسن مان درس نظاميءَ جي تعليم حاصل ڪري ڳڙهي ياسين جي مدرسي ‘مدرسه قاسميه’ ۾ مفتي محمد قاسم کان درس ورتائين. تعليم جي حصول کانپوءِ هو ان ئي مدرسي ۾ درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو. سندس شاگردن جو حلقو ڪافي وسيع آهي، جن ۾ پير عبدالجبار راڻيپوري، مولانا تاج محمد، مولانا عبدالحئي ۽ مولانا فخرالدين قابل ذڪر آهن. هو پير جو ڳوٺ جي مدرسي ‘جامعه راشديه’ جو انتظام سنڀاليندڙ هو. سندس تصنيفات جو سلسلو گهڻو وسيع آهي. هن ماهوار رسالو ‘الهمايون ’ ۽ ماهانه ‘الاسلامجاري ڪيا. هن جي تاليف ڪيل ڪتابن ۾ ‘البلاع المبين’، ‘الحق المريح’، ‘سيف الرحمان على اعداء القرآن’، ‘السيف المسلول على اعداء آل الرسول’، ‘اقامة البرهان’، ‘اصارم الرباني على ڪرشن القادياني’، ‘فتاوى الهمايوني’، ‘عشره عمله’، ‘مدلل فتوي جواز عرس و ميلا’، ‘اخلاق النبي صلي الله عليه وسلم’، ‘سما موتي جو مدلل بحث’، ‘وهابي شفاعت جا مفڪر آهن’، ‘گستاخ وهابين جا جواب’، ‘الستول به سيد الرسل الخالق الڪل’ (اردو)، ‘ست پرڪاش’ (آرين جي ترديد ۾)، ‘مطالبه حق’ (آرين جي تريد ۾: اردو) ‘رسالو اهم فتوى’، ‘تعمير مساجڪ اهم فتوى’ ۽ ‘رساله تعداد ازواج’ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو